شوڀا لالچنداڻي

شوڀا لالچنداڻي

شوڀا لالچنداڻي

شوڀا لالچنداڻي: هندستان ۾ سنڌيت جي پرچار ڪندڙ شوڀا لالچنداڻيءَ جو جنم فبروري 1955ع تي ٿيو. سندس ماءُ پارو چاولا ۽ پيءُ ٺاڪر چاولا هندستان ۾ سنڌين جي ترقيءَ لاءِ جاکوڙ واري عمل ۾ سرفهرست رهيا آهن. خاص ڪري هندستان ۾ رهندڙ سنڌين کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ ‘سنڌي آواز ۽ ڪلچر’ جي پليٽ فارم تان تمام گھڻو ڪم ڪيو اٿن. شوڀا ابتدائي ۽ ثانوي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس شادي مئي 1974ع ۾ مشهور چترڪار رام لالچنداڻيءَ سان ٿي، جنهن بعد زال مڙس گڏجي سنڌين لاءِ ڪم ڪرڻ لڳا. شوڀا ايم. ايم. ڪي (M.M.K) ڪاليج، ممبئيءَ ۾ سنڌي استاد جي حيثيت سان ڇهن سالن تائين پڙهايو ۽ بعد ۾ مشهور ڪاليج جئه هند ۾ ڳچ عرصو سنڌيءَ جي ليڪچرر رهي. سنڌيءَ ۾ بيشمار ليک تحرير ڪيا اٿس. 1991ع کان شوڀا، منگھارام سپاهيملاڻيءَ جي سرپرستيءَ هيٺ سڄي دنيا جي سنڌين لاءِ هفتيوار مئگزين ‘هندو واسي’ جي نائب ايڊيٽر طور ڪم ڪندي صحافتي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. هن وقت بحيثيت سرپرست ۽ مدير ‘هندو واسي’ مئگزين جاري رکندي اچي. پيءُ جي لاڏاڻي ۽ ماءُ پارو چاولا جي ضعيفيءَ سبب، ممبئيءَ جي ڪلچرل مرڪز ’سيتا سنڌو ڀون‘ جون ثقافتي سرگرميون هن وقت شوڀا لالچنداڻي ڪرائيندي آهي.


لفظ شوڀا لالچنداڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو